منڇر جي ٻوڏ جون تباهڪاريون: 600 ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏل، نالي ماتر سروي، امدادي سامان گم

0
229
منڇر جي ٻوڏ جون تباهڪاريون

ڀان سيدآباد (رپورٽ: آصف علي ميمڻ) منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ تعلقي سيوهڻ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 2 لک آبادي متاثر، 600 ڳوٺن ۾ هزارين گهر ڊهي پٽ، نالي ماتر سروي، پي ڊي ايم اي پاران متاثرن لاءِ آيل گهرو استعمال وارو قيمتي سامان منظر تان ئي غائب،  متاثر کليل  آسمان هيٺ ويٺل آھن

ان ڏس ۾  پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ واري پاڻي تعلقي سيوهڻ ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، سرڪاري انگ اکرن مطابق منڇر جي ٻوڏ واري پاڻي سبب يونين ڪائونسل بوبڪ، جعفرآباد، واهڙ، چنا، آراضي، ٽلٽي، شيخ، باجارا، جهانگارا جي ٻه لک آبادي متاثر ٿي آهي جنهن جا تقريبن 600 ڳوٺ مڪمل طور تي ٻوڏ جي پاڻي جي لپيٽ هيٺ اچي ويا آهن، ٻه لک آبادي متاثر ٿيڻ باوجود انتظاميا متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي

  600 ڳوٺن ۾ هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن پر ضلعي انتظاميا ڄامشورو توڙي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ پاران نالي ماتر سروي ڪئي وئي آهي،جڏهن ته متاثرن جي نالي تي آيل سرڪاري راشن به من پسندن حوالي ڪيو ويو آهي، ۽ وفاقي سرڪار جي اين ڊي ايم اي پاران سنڌ جي صوبائي کاتي پي ڊي ايم اي ڏانهن اماڻيل ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل گهرو استعمال وارو قيمتي سامان منظر تان ئي غائب ٿي ويو آهي

ڀان سيدآباد باءِ پاس ۽ سم نالي وٽ ترسيل ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جڏهن ته سخت گرمي سبب خلق خدا بي حال ٿي وئي آهي،ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ٿيل ڪئمپن ۾ بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن، ڪھر جي گرمي ۾ معصوم ٻارڙا توڙي عورتون سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهون بيھوش ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي خاندان بنا ٽينٽ جي رليون ٽنگي وقت گذارڻ لڳا آهن، سنڌ سرڪار سميت ضلعي انتظاميا متاثرن کي راشن، ٿڌي پاڻي، صحت جون سهولتون ڪپڙن سميت بجلي مھيا نه ڪري سگهي آهي جنھن سبب ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن

ھي به پڙھندا

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن جو لاڙڪاڻو باءِ پاس تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل