ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جو زوال جاري: انٽر بينڪ ۾ 223.94  ( لڳ ڀڳ 224 ) رپين تي پهتو: سون 600 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا اضافي سان 148300 مان 148900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن  مارڪيٽ ۾ 2 رپيا لاٿ سان 229 مان 227 ۽ انٽر بينڪ ۾1.7 رپيا گهٽتائي سان 225.64 مان 223.94 رپين تي پهتو،  ڪالهه هڪ موقعي تي انٽر بينڪ ۾ ڊالر 223.6 رپين جي سطح تي به آيو هو، واضح رهي ته انٽر بينڪ  جي اٺين ڪاروباري سيشن ۾ ڊالر ۾ 15.75 رپين جي گهٽتائي  ٿي آهي، هوڏانهن  پائونڊ 5 رپيا واڌ سان 257.5 مان 262.5 ۽  يورو اڍائي رپيا  گهٽتائي سان  225.5 مان 223 رپين تي پهتا هئا