نوابشاهه: ڊپٽي ڪمشنر چيو ته کٽاڻ فيڪٽري ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي تمام گھڻو ڏک پھتو آھي، فيڪٽري کي فوري طور تي سيل ڪري جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آھي، ايس ايس پي امير سعود مگسي چيو ته اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي فوت ٿيندڙن جا لاش اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ جاچ شروع ڪري ڏني آھي، ھن چيو ته ضلعي انتظاميا سان گڏجي هلندڙ غير قانوني فيڪٽرين خلاف جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو.