ڪراچي(شوبز نيوز) تازو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ واري اداڪارا مهربانو شادي جي ٽين هفتي بعد مڙس لاءِ جذباتي پوسٽ رکندي ٻڌايو ته منهنجو جيون ساٿي نه رڳو هن جا پير دٻائيندو آهي پر هن لاءِ نيرانو ۽ رات جو کاڌو به پچائيندو آهي. ان کان اڳ اداڪارا هلندڙ سال فيبروري ۾ پروڊيوسر شاهه رخ علي سان خاموشي ۾ مڱڻي ڪئي هئي ۽ هن پنهنجي مڱڻي بابت باضابطا اعلان ناهي ڪيو. شادي جون تصويرون وائرل ٿيڻ جي ٽن هفتن کانپوءِ گذريل هفتي 27 آڪٽوبر تي مهربانو شادي ڪرڻ جي تصديق ڪرڻ کانسواءِ شادي جون تصويرون شيئر ڪيون. تازو هن پهريون ڀيرو مڙس لاءِ جذباتي پوسٽ رکندي انڪشاف ڪيو ته ٻنهي ۾ ڪيترائي سال دوستي هئي.