ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار فيروز خان پنهنجي اڳوڻي زال عليزي سلطان خلاف عدالت کي گمراهه ڪرڻ بابت هڪ نئين درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن تي عدالت ٻنهي ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو. عليزي سلطان ۽ فيروز خان جي وچ ۾ ٻارن جي حوالگي ۽ انهن جي خرچن بابت ٻه عليحدا ڪيس فيملي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ آهن، جنهن جي پهرين نومبر تي ٿيڻ واري ٻڌڻي تي فيروز خان هڪ نئين درخواست داخل ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيروزخان جي وڪيل فائق جاگيراڻي ٻڌايو ته هنن عدالت ۾ هڪ نئين درخواست داخل ڪئي جنهن تي کين ايندڙ ٻڌڻي تي دليلن لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن ٻڌايو ته ٻارن جي حوالگي ۽ خرچ بابت هلندڙ ٻنهي ڪيسز ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. هاڻي ٻارن جي خرچ بابت ٻڌڻي 7 نومبر جڏهن ته حوالگي ڪيس جي ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. فيروز خان شوبز شخصيتن پاران تنقيد جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ تازو ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ته عليزي سلطان عدالت کي ڪوڙيون رپورٽس ڏئي گمراهه ڪري رهي آهي.