ممبئي(شوبز نيوز) ايڪشن هيرو ٽائيگر شروف شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو. ٽائيگر شروف انسٽاگرام تي شوٽنگ جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته مان پنهنجو پير ڀڃائي ويٺو آهيان. اداڪار پوسٽ ۾ لکيو ته مونکي يقين هو ته پنهنجي ايڪشن سان واش بيسن ٽوڙي سگهان ٿو پر ان سان گڏ منهنجو پير به ٽٽي پيو. ٽائيگر شروف جي پوسٽ تي شلپا شيٽي سميت ٻين بالي ووڊ شخصيتن افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.