ممتا جو نالو ماءُ بڻجن کانپوءِ ئي خبر پوندي آهي: صوبيا خان

0
744

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا صوبيا خان چيو آهي ته جڏهن اولاد ٿيندي آهي ته پيءُ هجي يا ماءُ ان جي ترجيحات بدلجي وينديون آهن. منهنجي ڌيءَ منهنجي ڪل ڪائنات آهي. پهرين مونکي ڊريسن جي فڪر هوندي هئي پر هاڻ سڀ ڪجهه پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڪندي آهيان. هڪ انٽرويو جي دوران اداڪارا صوبيا خان چيو ته ممتا ڪنهن شيءِ جي نالو هوندو آهي اهو ماءُ بڻجن کانپوءِ ئي خبر پوندي آهي. ماءُ پنهنجا ڏک برداشت ڪري وٺندي آهي پر پنهنجي اولاد کي ڪابه تڪليف ٿيڻ نه ڏيندي آهي. هن چيو ته اولاد جي نعمت ڇا هوندي آهي ان ڳالهه جي اهميت جو اندازو صرف انهن ماڻهن کي ٿي سگهي ٿو جن وٽ اولاد جهڙي نعمت ناهي. منهنجي خدا جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته سڀني بي اولاد جوڙن کي پنهنجي رحمت سان اولاد جهڙي نعمت سان نوازي ته جيئن انهن جي زندگي خوشي سان ڀرجي وڃي.