لاهور(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ريشم چيو آهي ته مون ڪڏهن به ٽي وي تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ناهي ڪيو پر اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته آئون ننڍي اسڪرين تي ڪم ڪرڻ نٿي چاهيان، فنڪار کي ڪوبه پليٽ فارم ملي هو پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ لاءِ بي قرار هوندو آهي . هڪ انٽرويو ۾ ادڪارا چيو ته منهنجي ڪيريئر جي شروعات ئي ننڍي اسڪرين تان ٿي هئي ۽ منهنجي جيڪا عزت ۽ مقام مليو هو پي ٽي وي جي اسڪرين تان ئي مليو جنهن کانپوءِ آئون فلم انڊسٽري ۾ داخل ٿيس ۽ مسلسل فلمن ۾ ڪم ڪري رهي آهيان. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اهو تاثر ڏيندا آهن ته آئون صرف وڏي اسڪرين تي ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهيان. جيڪا غلط ڳالهه آهي. هر فنڪار جي پنهنجي مصروفيت هوندي آهي، ان لاءِ ڪنهن جي لاءِ به ڪا راءِ نه ڏيڻ گهرجي. اداڪارا ريشم چيو ته سڀني کي چونديس ته ٻين جي لاءِ دل کي صاف رکو، ان عمل سان گهڻيون ئي روحاني بيمارين مان نجات ملندي آهي ۽ آئون هر محفل ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي آهيان.