وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

0
392

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر، سپريم ڪورٽ 19 اپريل تي ٻڌڻي مقرر ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا عيسيٰ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فواد چوڌري جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي انڊر ٽرائل جج ڪوٺي توهين ڪئي.