اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان 10 کان 15 مئي تائين عيد الفطر جي موڪلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي گهرو وزارت عيد موڪلن جو باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب ملڪ اندر 10 مئي کان 15 مئي تائين عيد الفطر جون موڪلون هونديون، اهڙو نوٽيفڪيشن گهرو وزارت جي سيڪشن آفيسر عبدالرزاق جي صحيح سان جاري ڪري ملڪ جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي اماڻيو ويو آهي.