ڪابل (م ڊ) اولهه افغانستان ۾ طالبان جي ٻن مختلف حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 سيڪيورٽي اهلڪارن جي مارجڻ جا اطلاع آهن. رپورٽن موجب باغين هڪ چيڪ پوائنٽ کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 7 فوجي مارجي ويا، جڏهن ته طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته اهي هڪ فوجي سميت هٿيار به ساڻ کڻي ويا آهن. ان کان اڳ هرات صوبي جي فارسي ضلعي ۾ هڪ سو جي لڳ ڀڳ ويڙهاڪن منظم انداز ۾ حملو ڪري 8 فوجين کي ماري ڇڏيو. واضح رهي ته افغانستان مان جيئن جيئن پرڏيهي فوجن جي نڪرڻ جو مرحلو اڳتي وڌي رهيو آهي، تيئن طالبان طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ واڌ ٿي رهي آهي.