اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت چونڊ سڌارن لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 49 ترميمون تجويز ڪندي ايندڙ چونڊ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ، تڪبنديون نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ تحت ڪرڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، چونڊ عملي جي مقرري تي اعتراض وارڻ جو حق ڏيڻ، ٻٽي شهريت رکندڙ سمنڊ پار پاڪستاني کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ، 60 ڏينهن اندر چونڊجندڙ کان پوءِ حلف نه کڻندڙ جي تڪ کي خالي قرار ڏيڻ ۽ ٻيون ترميمون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چونڊ سڌارن بابت سفارشون بار ايسوسيئيشنن، بار ڪائونسلن، سول سوسائٽي، پريس ڪلبن کي بريفنگ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت چيو آهي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ چونڊ سڌارن لاءِ ترميمون منظور ڪرائڻ لاءِ مخالف ڌر جي ڪا ضرورت ناهي، اسان کي ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت حاصل اهي، پر اسان چاهيون ٿا ته چونڊ سڌارا گڏيل اتفاق راءِ سان منظور ٿين، اگر مخالف ڌر ان لاءِ تيار نه هوندي ته حڪومت اڳتي وڌندي، پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي پارلياماني مامرن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ته چونڊ سڌارن جو اهڙو مامرو آهي جنهن سان ڪو آئيني بحران ته پيدا نه ٿيو آهي پر ان سان آئيني ادارن تي عدم اعتماد ڪيو ويو آهي، جيڪو تمام خطرناڪ آهي. 2013ع جي چونڊن ۾ سياسي جج رٽرننگ آفيسرن کي خطاب ڪري جديد ڌانڌلي جو بنياد وڌو. ان صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارا ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چونڊ ايڪٽ 2017ع جي 49 سيڪشنز ۾ سڌارن جون تجويزون تيار آهن، ڪجهه شقون ختم ڪيون وينديون هن چيو ته شهباز شريف کي اچڻ جي دعوت ڏئي رهيا آهيون، هو ضرور اچي، هن چيو ته اسان اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 103 ۾ ترميم ڪري چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي ترميم تيار ڪئي آهي، جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو چونڊ سڌارو هوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سسٽم قومي ۽ عالمي ادارن ٺاهيو آهي، ميڊيا جي سامهون ٽيسٽ ڪئي ويندي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان سڀ کان وڌيڪ اهو ڊڄندو جنهن جعلي ووٽ ٺاهيا آهن. هن چيو ته اسان آبادي جي بنيادن تي تڪبندي کي ختم ڪري نادرا جي رجسٽرڊ ووٽرن جي بنياد تي تڪبندي ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن تڪ بيلنس بڻجي سگهن، هن چيو ته چونڊ سڌارن لاءِ ٻه آئيني ترميمون به آڻي رهيا آهيون، هڪ سينيٽ جي چونڊ اوپن ووٽ ذريعي ڪرائڻ ۽ ٻيو سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ. بابر اعواڻ چيو ته قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ڪاميٽي جو به پهريون ڀيرو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، ان ۾ به شرڪت نه پئي ڪئي وڃي، صحافي چيڪ ڪن ته ڇا مخالف ڌر پاڻ ڪو قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بل آندو آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت چونڊ وڙهندڙن، چونڊ ڪرائيندڙن سميت جنهن به اعتراض واريا انهن جو حل ڪڍيو ويندو، هن چيوته اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ مالي خودمختياري ڏيڻ جي به تجويز آهي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته چونڊ سڌارن بابت اسپيڪر جي خط تي پ پ نويد قمر کي مقرر ڪيو مسلم ليگ (نواز) اڃا ڪو ميمبر نامزد ناهي ڪيو. ترميمي بل منظور ڪرائڻ لاءِ مخالف ڌر جي ضرورت ناهي، ٻنهي ايوانن ۾ حڪومت جي اڪثريت آهي، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ٻڌائين ته اهي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهين ٿا يا نه. اڪثريت هجڻ باوجود اسان چاهيون ٿا ته چونڊ سڌارن ۾ ترميمون اتفاق راءِ سان ٿين، هن چيو ته اگر اتفاق نه ٿيو ته اسان جو رستو بلڪل واضح آهي، اسان چونڊ سڌارا ڪنداسين. هن چيو ته پارلياماني ڪاميٽي اجلاسن ۾ مسلم ليگ (نواز) آر ٽي ايس سسٽم کي ويهاري ڌانڌلي جا الزام هنيا پر تڪن جا تفصيل نه ڏئي سگهيا، فارم 45 نه ملڻ جا تفصيل به نه ڏنا ويا آهن. اسان چونڊ سڌارن لاءِ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا پر قوم ڏسي ته هڪ ڀيرو وري چونڊ سڌارن ۾ ڪير رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي. اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين نظام آڻڻ چاهيون ٿا ته جيئن چونڊ نتيجا رات 12 وڳي تائين رڪيل نه رهجن، پر پولنگ کان پوءِ 20 کان 25 منٽن ۾ نتيجو ماڻهن جي سامهون اچي وڃي. مخالف ڌر کي ڳالهين جي پيشڪش وزيراعظم، اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪري رهيو آهي، پر مخالف ڌر چئي رهي آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ به تيار ناهيون ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارا ڪري، ڇا ڪڏهن ڪا سياسي پارٽي پارليامينٽ کي انڊرمائين ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي؟ ووٽ کي عزت تڏهن ملندي جڏهن پارليامينٽ کي عزت ملندي، پر هي چاهين ٿا ته پارليامينٽ جي ڪا حيثيت نه رهي. هن چيو ته شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڏٺو به ناهي، ٽيڪنالاجي کي سمجهڻ جي به ڪوشش نه ڪئي پر اهو چئي ڇڏيو ته اسان ان کي تسليم نه ٿا ڪيون. کين ان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ گهرجي، پنهنجي ٽيڪنيڪل ٽيم ٺاهڻ گهرجي، جيڪي پاڪستان جي سائنسدانن ۽ ماهرن سان ويهن.