ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي )سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تي قبضن بابت داخل ڪيل درخواستن تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل پاران سنڌ ڪابينا جي فيصلن بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ بعد ٽئين فيز (مرحلي) تي ڪم ڪرڻ لاءِ 31 مئي تائين مهلت ڏئي ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڪابينا جي فيصلن بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ڪابينا آبپاشي کاتي جي زمين تي اڏيل گهر ڊاهڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، اهڙا گهر نه ڊاٺا ويندا، جيڪي پاڻي وهڪرن ۾ رڪاوٽ نه ٿا بڻجن، رڳو پاڻي وهڪرن م رنڊڪ وجهندڙ گهرن کي ڊاٺو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي گجر ۽ محمود آباد نالن تان گهر ان ڪري ڊاٺا ويا آهن، ڇاڪاڻ جو اهي پاڻي وهڪرن ۾ رڪاوٽ هئا. ان موقعي تي عدالت پڇيو ته فيز ٽو (ٻئي مرحلي) جي حددخلين جي خاتمي جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته فيز ٽو وارين حددخلين جو خاتمو ٿي چڪو آهي، صوبي جي سمورن ڪئنالن تان 15 کان 20 فوٽن تائين ڪمرشل حددخليون ختم ڪرايون ويون آهن. ان موقعي تي عدالت سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇيو ته ٽيون فيز ( مرحلو) ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عدالت جون مهيني جي تاريخ ڏني آهي، انهي حوالي سان ڊي سيز کان رپورٽ پڻ گهرائي آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت ڏسندي ته ڇا ڪرڻو آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ٽيون مرحلو مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت تمام گهٽ آهي، هتي به ٻڌڻي ٿي رهي آهي ۽ سکر ۾ به آرڊر پاس ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته جيڪي گهر ۽ پيٽرول پمپ ڪئنالن کان 2 سو فوٽ پري آهن، انهن کي نه ڊاٺو ويندو، عدالت اها پوائنٽ نوٽ ڪري ڇڏي، جيستائين ٽيون فيز مڪمل نٿو ٿي وڃي، ڪا به اڏاوت ختم نه ڪئي ويندي، سنڌ ڪابينا جو فيصلو آهي ته آبپاشي جي زمين تي ٺهيل ڪو به گهر نه ڊاٺو ويندو. ان موقعي تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان متاثرن کي متبادل ڏيڻ جي پلان تي به ڪم ڪريو. اسان اوهان کي مهلت ڏئي رهيا آهيون، ماڻهن کي پريشان نه ڪريو. عدالت ٽئين فيز تي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ 31 مئي تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.