اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي ججن جي مقرري واري ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ جوڊيشل ڪميشن پاران سفارش ڪيل 13 مان 7 ججن جا انٽرويو ڪري ڇڏيا آهن، ڪالهه ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جوڊيشل ڪميشن پاران نامزد ڪيل 13 ججن مان 7 ججن جو انٽرويو ڪيو ويو، جن ۾ سلطان تنوير، طارق نديم، احمد نديم ارشد، علي ضيا باجوا، عابد حسين چٺا، شان گل ۽ راحيل ڪامران شيخ جا انٽرويو ڪيا ويا، جڏهن ته باقي 6 ججن جو انٽرويو اڄ اڱاري ڏينهن ڪيو ويندو، اڄ اڱاري ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس محمد نور مسڪان زئي جي ملازمت واري مدي ۾ هڪ سال جي واڌ واري ڪميشن جي فيصلي جو پڻ جائزو ورتو ويندو.