ملڪ ۾ گئس جو بحران ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو، شهري پريشانين جو شڪار

0
308
ملڪ ۾ گئس جو بحران

ڪراچي(م ڊ) ملڪ ۾ گئس جو بحران ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو پيو وڃي، ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گئس جي فراهمي سبب گهرن ۾ کائڻ پيئڻ به مشڪل ٿي ويو آهي، جنهن سبب شهري هوٽلن تان مهانگو کاڌو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن

ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 8 ڪلاڪ گيس جي بندش جون شڪايتون آهن، جڏهن ته سخت سردي سبب ڪوئيٽا ۾ به گئس غائب ٿي وئي آهي

شهرين جو چوڻ آهي ته ايل پي جي سلينڊر جي استعمال سبب کاڌ خوراڪ خريد ڪرڻ وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي، ٻئي طرف گيس پريشر ۾ گهٽتائي سبب هوٽل مالڪن به ايل پي جي سلينڊر استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن