سينيئر صحافي محمد ضياءُ الدين لاڏاڻو ڪري ويو

0
220
سينيئر صحافي محمد ضياءُ الدين لاڏاڻو ڪري ويو
سينيئر صحافي محمد ضياءُ الدين لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(م ڊ) ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صحافت سان واڳيل پاڪستان جو ناليوارو صحافي محمد ضياءُ الدين لاڏاڻو ڪري ويو آهي، 1938ع ۾ ڀارتي شهر مدراس (موجوده چنائي) ۾ جم وٺندڙ محمد ضياءُ الدين 83 سالن جي ڄمار ۾ اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪري ويو

محمد ضياءُ الدين جو خاندان 1952ع ۾ هندستان مان ڍاڪا (اڳوڻي اوڀر پاڪستان)  لڏي ويو هو ۽ پوءِ محمد ضياءُ الدين 1960ع ۾ پاڪستان لڏي آيو ۽ هتي مستقل طور رهائش اختيار ڪئي، مرحوم ڊان اخبار ۽ ايڪسپريس ٽربيون جو ايڊيٽر پڻ رهيو