سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو

0
144
سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو

تنهنجو پاڻي ٿڃ برابر،

مٽي تنهنجي سون اسان لئه

هر هر جيون توکي ارپيون

ايڏو توسان چاھ اسان جو..

سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو..

اسر ويلي ٿا کيٽ کڙن،

جوڙا جوٽي ٿا جوڳ ڏين،

تنهنجي ڇاتي مان ٻج ڦٽن،

سون برابر سي سنگ ٿين،

۽ رنگ برنگي ڦول ٽڙن،

چنگ وڄي ۽ مال چرن،

سنڌو ماتا تون ئي ڄاڻي،

ڪيئن ٿو اڀري گاهه اسان جو،

سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو.

هوءَ جي ويري واڳ ڌڻي ٿيا،

تن کي ٻنيون  ٻيٽ وڻي ويا،

پٺ  ۾  ڀالا  تير  هڻي  ويا،

حق اسان جا هڙ کڻي ويا،

سيس اٿيا جي سي به لڻي ويا،

ڪيڏا سپنا هاءِ ڇڻي ويا،

پوءِ به وڙھون ٿا ڪونه مڙون ٿا،

تن سان ناهي ٺاھ اسان جو،

سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو

هي جا ٽوپي اجرڪ آھي،

منهنجي غيرت، عزت آھي،

ڪير ته کڻندو ميري اک الا..

ڪنهن ۾ ايڏي جرئت آھي،

توتي گھوريون ساھه ٿا پنهنجو،

توسان ايڏي محبت آھي،

نعري نعري نعري سنڌ..

هيءَ ته آ اتساھه اسان جو،

سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو،

سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو.