ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ ڪورونا ۾ تيزي سان واڌ، هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ 137 ڄڻا فوت ٿي ويا، 5 هزار 445 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون آيل نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 7 لک 66 هزار 882 ٿي ويو آهي. وڌيڪ 137 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 16 هزار 453 تي پهچي ويو آهي. سرڪاري پورٽل موجب ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 8 سيڪڙو رهي، فعال ڪيسن جو انگ 83 هزار 298 ٿي ويو آهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4286 مريض صحتياب پڻ ٿيا، ائين وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جو ڪُل انگ 6 لک 67 هزار 131 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي حالت وارن مريضن جو انگ وڌڻ ڪري اسپتالن ۾ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا جا 730 ڪيس ظاهر، 3 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 373 مريضن صحتياب ٿي ويا، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 8584 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 8159 مريض گھرن ۾، 9 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 416 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. وڏي وزير پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته 382 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 45 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 403، حيدرآباد ۾ 96، سانگھڙ ۾ 31، سکر ۾ 22، ڄامشورو ۾ 18، ٺٽي ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 15_15، نوشهروفيروز ضلعي ۾ 13، شڪارپور ۽ سجاول ضلعن ۾ 11_11، گھوٽڪي ۽ مٽياري ضلعن ۾ 10_10، لاڙڪاڻي ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن ۾ 8_8، ڪشمور، شهيد بينظيرآباد ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ 7_7، دادو ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن ۾ 6_6، بدين ۾ 4، جيڪب آباد ۾ 3، خيرپور ۾ 2 ۽ قمبر ضلعي ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.