هنداڻا ٿو پٽين! ميهڙ ڀرسان معصوم نينگر تي تشدد، وڊيو وائرل

0
351

ميهڙ (ن پ ا) هنداڻا ٿو پٽين، چئن ڄڻن هڪ معصوم ٻارڙي کي لٺين جي مار ڏئي پٺاڙن تي نشان ڪري ڇڏيا سوشل مڊيا تي وڊيو وائرل، قاضي عارف ڀرسان ڳوٺ غلام رسول سهاڳ ۾ ڪمدار قاضي سهاڳ پاران ٺيڪي ۾ کنيل هنداڻن ۽ گدرن جي زمين ڀرسان لگهندڙ معصوم ٻارڙي جان محمد پٽ محمد علي کي ڪمدار قاضي سهاڳ جي چئن ماڻھن اهو چئي لٺين جي مار ڏئي سندس پٺاڙن تي ڳاڙها نير نشان ٺاهي ڇڏيا ته تون اسان جي زمين تان هنداڻا ٿو پٽين، ان دوران زمين ڀرسان لگهندڙ ماڻهن معصوم ٻار کي وڌيڪ مار کان بچائي ورتو، ٻار جي وارثن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته هنداڻو پٽڻ جو الزام هڻي معصوم ٻار تي تشدد ڪرائيندڙ قاضي سهاڳ ۽ تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.