ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي ۽ ٻين پاران سزا خلاف اپيل تي فيصلو اچڻ تائين ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ نثار مورائي ۽ ٻين جوابدارن پاران ضمانت تي آزاد ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدارن جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو. واضع رهي ته احتساب عدالت پاران ٻڌايل 7، 7 سال قيد جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو اچڻ تائين نثار مورائي، سلطان قمر صديقي، مينيجر حاجي ولي محمد ۽ شوڪت حسين پاران ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي هئي