اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ملڪ ۾ بجلي پيداوار جو نئون رڪارڊ قائم ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۽ فراهمي 24284 ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، بجلي جي پيداوار جو اهو انگ ملڪ جي بجلي فراهم ڪرڻ واري تاريخ ۾ بلند ترين انگ آهي، حماد اظهر چيو ته موجوده حڪومت بجلي طلب ۽ پيداوار ۾ اضافي سان گڏ بجلي جي ترسيلي نظام ۾ بهتري آندي آهي، جولاءِ 2018ع ۾ بجلي جي ترسيل 20811 ميگاواٽ تائين هئي، هن وقت ملڪ جي سڀ کان وڏي تربيلا ڊيم مان 25 سيڪڙو سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي.