ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ اسلام آباد ۾ انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڇڪڙي واري صورتحال کان آگاھ ڪندي سنڌ جي دوري جي دعوت ڏني آهي. جيڪا شيرين مزاري قبول ڪري ورتي. حليم عادل شيخ کيس ٻڌايو ته سنڌ ۾ حڪومتي سرپرستي هيٺ انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، هن اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت دودو ڀيل جي قتل واري واقعي بابت به آگاھي ڏني، حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ ڪاروڪاري جا واقعا به پيش اچي رهيا آهن. هوڏانهن پي ٽي آءِ ايم اين اي جئه پرڪاش اڪراڻي سي پي او پهچي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن دودو ڀيل واقعي ۾ پوليس جي ڪردار، صحافين تي تشدد ۽ لجپت سوراڻي سميت احتجاج ڪندڙن جي گرفتاري ۽ 150 شهرين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل وارو معاملو اٿاريو، جنهن تي آءِ جي سنڌ چيو ته دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو ويندو، واقعي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو ويندو. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڀڳوان داس ۽ امين سنگراسي به موجود هئا.