اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي ٺيڪيدارن کي ڪمپني طرفان هڪ ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽس، درخواست تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون. خبر موجب ٿر ڪول بلاڪ ٽو تي ٺيڪيداري ڪندڙن حاجي جيئندو راهمون، نواز سومرو، سهراب راهمون ۽ ٻين صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته اسان ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني وٽ ڪنسٽريڪشن جو ڪم ڪندا هئاسين. اسان ڪمپني اندر جيڪي به ڪم ڪيا انهن مان اسان جي ڪمپني ڏانهن 10 ڪروڙ رپيا رقم رهجي وئي، اسان جي بار بار گهرڻ باوجود ڪمپني اسان کي رقم ڏيڻ بجاءِمختلف بهانه ڪري رلائيندي رهي، جنهن بعد اسان مختلف هنڌن تي احتجاج ڪري پنهنجو موقف پيش ڪيو، جنهن تان ڪمپني انتظاميا ويتر مڇرجي اسان کي رقم ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. اسان ٽنهي ٺيڪيدارن گڏجي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني خلاف ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن معرفت هڪ درخواست داخل ڪئي آھي. داخل ٿيل درخواست جا نوٽس جاري ٿيڻ بعد ڪمپني جي سي اي او ابو الفضل رضوي ڪمپني جي وڪيلن معرفت اسان تي هڪ ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽس موڪليو ويو آھي.