ملڪاڻي شريف(رپورٽ: وشال ريٻاري) ملڪاڻي شريف ۾ جوابدارن نوجوان جو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو . ڪنڀر برادري جي ماڻھن نوجوان کي فون تي گهرائي  نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو، ڪنڀر برادري جي  پنج ڄڻن گڏجي نوجوان رياض ڪنڀر  جو نازڪ عضو اڌ کان وڌيڪ  ڪٽي ڇڏيو  ۽ هڪ ڄنگه پڻ ڀڃي ڇڏي۽ سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب نوجوان  جي حالت نازڪ ٿي وئي. زخمي نوجوان رياض ٻڌايو ته مونکي فون ڪال ڪري گهرائي دودو، عالم، ساجن سميت پنجن ڄڻن  گڏجي پڪڙي کيسي مان پنجيتاليهه هزار زوري ڪڍي   ۽ منهنجي نازڪ عضوي کي ڪاتي سان اڌ ڪٽي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. مون سان انصاف ڪيو وڃي . هوڏانهن واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي حاي پر پنگريو پوليس  جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي. نوجوان جي وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايس پي بدين کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. خيرپورگنبوهه پوليس جي منشي امولک ميگهواڙ  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جون رپورٽون داخل آهن متاثر نوجوان رياض خلاف سامهون واري ڌر اهو ڄاڻايو آهي ته اسان جي گهر ۾ چوري جي نيت سان داخل ٿيو هو، جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي. ٽائيم نيوز ۽ مختلف ۽ چينلن تي نيوز نشر ٿيڻ جو ايس ايس پي بدين نوٽيس وٺي ڇڏيو.  ڊي ايس پي ٽنڊوباگو ڌڻي بخش مري ايس ايچ او پنگريو ملڪاڻي شريف پهچي متاثر نوجوان جي وارثن سان مليا  ۽ سرزمين جو جائزو ورتو انصاف ڏيڻ جي خاطري ڪرائي . ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊي ايس پي ٽنڊوباگو ڌڻي بخش مري چيو ته نوجوان سان ظلم ٿيو آهي. هو علاج لاء بدين ويل آهي جئين ئي واپس ايندو ته ڪيس داخل ڪري سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني ويندي گرفتاري ڪيس داخل ٿيڻ کانپوء ٿيندي آهي. ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ڏوهاري کي سزا ملڻ کپي سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.