جاتي(ن پ ا)رات دير سان عربي سمنڊ جي سر ڪريڪ ايريا  ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ پنج مهاڻن سميت ايوب ٻهريو جو هوڙو ٻڏي ويو جنهن مان هڪ ماهيگير هوڙي جي مالڪ جو پٽ آدم ولد ايوب ٻهريو  سمنڊ مان تري پنهنجي جان بچاءِ ورتي جڏهن ته لاپتا ٿيل چار ماهيگيرن اسماعيل ٻهريو،اعجاز ٻهريو،عرفان ٻهريو ۽ نياز ٻهريو کي اطلاع ملڻ تي پاڪستان نيوي جي جوانن ريسڪيو ڪري کي زنده هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيا ، ٻئ طرف نور محمد ٿهيمور پنهنجي خبار سان ڳالهائيندي چيو جاتي جي ساحلي پٽي جي ڳوٺ يوسف ٻهريو جا رهواسي ماهيگير عربي سمنڊ جي سرڪريڪ جي ايريا ۾ مڇي جو شڪار ڪندي هوڙي جا ڦٽا ٽٽي وڃڻ سبب ٻڏي ويا جن مان هڪ ته بچي ويو هو ۽ چار ماهيگير گذريل 36 ڪلاڪن کان لاپتا هئا جن جي ڳولا لاءِ ورثن حڪومت ۽ پاڪ نيوي کي اپيل ڪئي جنهن تي پاڪ نيوي جي جوانن ريسڪيو ڪري کين ڳولي ورٿو آهي جيڪي ماهيگير سامونڊي تي قائم (پي پي ايل) آئل ڪمپني تي پهچايو جيڪي اڄ رات پنهنجي ڳوٺ پهچي ويندا.