ايٿنز(انٽرسٽنگ نيوز) يونان ۾ 200 بورچين جي هڪ ٽيم نئين سال جي موقعي تي تقريبن 5 هزار ڪلو وزني ويسيلوپِٽا نالي روايتي ڪيڪ ٺاهي گنيز ورلڊ رڪارڊ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. نئين سال جي شام تي ڪيڪ ٺاهڻ لاءِ ڪيترن ئي بيڪرين جي درجنين بورچين شرڪت ڪئي. تيار ٿيڻ واري ڪيڪ کي ايٿنز جي علائقي پيريسٽيري جي هڪ گلي ۾ رکيو ويو. 5 هزار ڪلو وزني هن ڪيڪ کي ٺاهڻ لاءِ 3991.6 ڪلو اٽو، تقريبن 1995.8 ڪلو مکڻ، 997.9 ڪلو کنڊ، 49.8 ڪلو ڪوگنيڪ، 200 بيضا، 1500 نارنگيون ۽ 4 ونيلا جا دٻا استعمال ڪيا ويا. انتظاميا موجب ان وزني ڪيڪ کي گنيز ورلڊ رڪارڊ لاءِ جمع ڪرايو ويو آهي پر اداري طرفان سڀ کان وڏو ڪيڪ قرار ڏيڻ اڃا باقي آهي. ان کانپوءِ ڪيڪ کي 50 ٽڪرن ۾ ڪٽي شريڪ ٿيندڙن ۾ ورهايو ويو.