اسلام آباد(انٽرسٽنگ نيوز) اوهان گهوٽ جا هار ته گهڻا ڏٺا هوندا، ڪي گلن جا هار، ڪي نوٽن جا هار پر هڪ پاڪستاني گهوٽ جي هار سڀني کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو م ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شادي تقريب ۾ گهوٽ جي انٽري ان انداز ۾ ٿي آهي جو ڪيترائي ماڻهو گهوٽ جي هار کي کڻي هال ۾ داخل ٿي رهيا آهن. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ملڪي ڪرنسي جي نوٽن سان ٺهيل هار کي ماڻهو کڻي اچي رهيا آهن جنهن ۾ 100، 500 ۽ هزار جا نوٽ استعمال ڪيا ويا آهن. نوٽن جي ان هار جي ڊريگهه ڏسي ڏسندڙ حيرت ۾ مبتلا ٿي ويا، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شادي ۾ شريڪ ماڻهو به ان منظر کي پنهنجي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو بابت اهو ته چيو پيو وڃي ته گهوٽ جي هار جي ماليت 16 لک رپيا آهي، وڊيو تي سوشل ميڊيا واهيدارن طرفان مختلف تبصرن جو سلسلو به جاري آهي.