ملير (رپورٽر) شاهه ٽائون مک رستي تي قبضاگيرن جو آزار، شاهه ٽائون مک روڊ تي سي اين جي پمپ پاران ڪيل غيرقانوني اڏاوت ۽ روڊ مٿان غيرقانوني انڪروچمنٽ هٽائڻ لاءِ علائقي واسين جو پيپلز پارٽي يوسي پپري جي صدر ڊاڪٽر عظمت لنڊ، لياقت مگسي، زبير ميراڻي، ديشي چانڊيو، سليم جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي لڳ سي اين جي پمپ تي ڌرڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عظمت لنڊ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار طرفان منظور ڪيل شاهه ٽائون مک روڊ 60 فٽ ٺاهڻو آهي پر غيرقانوني قبضن سبب 30 فٽ به روڊ نٿو ٺهي سگهي، قبضا مافيا پاران مارڪيٽن ۽ دڪانن اضافي غيرقانوني اڏاوت ڪئي وئي آهي پر ڊي سي ملير توڙي انتظاميا کي ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي، هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي شاهه ٽائون جي مک روڊ جي حد ۾ غيرقانوني اڏاوت ڪيل دڪان توڙي ٻين اڏاوتن کي ڊاهي پٽ ڪيو وڃي ته جيئن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ٿي سگهي.