ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊي ڄام ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق قيد نوجوان آزاد ڪرايو ويو. لاڪپ ڪيل نوجوان غلام قادر جي ڀاءُ غلام حيدر ڪليري پاران ڀاءُ جي بيگناهه گرفتاري خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ سول جج سول ڪورٽ نمبر ست حيدرآباد عبدالستار ٽنڊوڄام ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي، بنا ڪنهن ڪيس جي غيرقانوني طور گرفتار ڪيل نوجوان غلام قادر ڪليري کي آزاد ڪرايو. سول جج ايس ايڇ او ٽنڊوڄام سميت پوري عملي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ ايس ايچ او ٽنڊوڄام کي اڄريڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. سول جج عبدالستار جو چوڻ ھو ته گرفتار ڪيل غلام قادر ڪليري جي ڀاءُ غلام حيدر ڪليري پاران سيشن ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي وئي ھئي تہ سندس ڀاءُ کي ٽنڊوڄام پوليس بنا ڪنھن ڪيس جي ناحق گرفتار ڪيو آھي. جنھن تي سيشن ڪورٽ جي حڪم تي ڪاروائي ڪري گرفتار ٿيل نوجوان کي آزاد ڪرايو ويو آھي.