مٽياري (رپورٽر) مٽياري شھر جي ميرحسن محله جي رھواسين ضلعي انتظاميا پاران حد دخيلون ڄاڻائي اجھا ڊاھڻ خلاف مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. مظاھري جي اڳواڻي مٽياري عوامي اتحاد اڳواڻن ۽ انڪروچمينٽ ۾ متاثر ٿيل غلامي منگواڻو، مير ميمڻ، داد خاصخيلي ۽ قاسم کوسو ڪري رھيا ھئا. مظاھرين جو چوڻ ھو ته سالن کان وٺي اتي رھندڙ آھيون پلاٽ اسان پئسا ڏئي ورتا آھن. ڪو ھڪ ماڻھو به ائين ناھي ويٺل. ان ھوندي به ھڪ ماڻھو جي چوڻ تي اسان جا اجھا ڊاھي اسان کي دربدر ڪيو پيو وڃي. اسان سڀ غريب مسڪين مزدور ماڻھو آھيون اسان رپيو رہيو جمع ڪري ڪيترين مشڪلاتن سان اجھا ٺاھيا آھن اھا اسان کي خبر آ مظاھرين جو چوڻ ھو ته جي اگر انڪروچمينٽ خلاف آپريشن آھي ته شھر جي مھاڳي کان شروع ڪيو اڌ شھر مٽياري قبضن جي پلاٽن اڏيل آھي پھريان اھي ڊاھيو اسان تہ آخر م شھر جي پُڇڙي تي ويٺا آھيون اسان کان شروعات ڇو ڪئي وئي مظاھرين اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خدارا اسان مسڪينن تي رحم ڪيو اسان به پاڪستان جا شھري آھيون پاڪستان جي آئين کي فالو ٿا ڪيون ٽيڪس ڏيون ٿا ته اسان کي اجھو فراھم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي.