ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ٽنڊوالھيار جي رحماني مارڪيٽ کي ڊاھي پٽ ڪرڻ خلاف دوڪاندارن ايڊوڪيٽ مسعودالنبي بچاڻي جي ذريعي سينئر سول جج ٽنڊوالھيار جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪري ورتي، جنهن ۾ دوڪاندارن پنهنجو موقف پيش ڪيو ته مارڪيٽ جي مالڪ غير قانوني طور تي سنڌ بلڊنگ اٿارٽي کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت ڪري 100 کان مٿي دوڪانن کي ڊاھي پٽ ڪري کين بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، دڪاندار محمد ارشد ڇيپو ٽنڊوالھيار جي سينئر ۽ معروف وڪيل مسعود النبي بچاڻي جي ذريعي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي. ٻئي پاسي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن ۽ وڪيل پاران مثبت دليل نه ڏيڻ تي عدالت موجوده صورتحال ۾ وڪيل مسعود النبي جي دليل جي روشني ۾ اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو .