ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  ملير مان گم ٿيل معصوم ٻارڙيءَ جو تشدد ٿيل لاش ڪچري جي ڍير تان هٿ، زيادتي جو انڪشاف، وارثن جو ڌرڻو ، ان ڏس ۾ قائد آباد مان هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل 7 ورهين جي ٻارڙيءَ منيبا جو لاش لانڍي جي مسلم آباد ڪالوني مان ڪچري جي ڍير تان هٿ آيو، اطلاع تي وارثن ۽ پوليس پهچي لاش کي اسپتال منتقل ڪرايو، پوليس موجب ٻارڙيءَ جو لاش اڏاوت  هيٺ بلڊنگ مان مليو، سندس جسم تي تشدد جا نشان هئا، پاڙيسرين شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ٻارڙيءَ  کي زيادتي بعد قتل ڪري لاش پلاٽ ۾ اڇلايو ويو آهي، هوڏانهن ٻارڙيءَ جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ  پوليس سرجن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته معصوم منيبا کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي،سندس مٿي ۾ مختلف قسمن جا زخم هئا، اسان ڊي اين اي ۽ ڪراس ميچنگ لاءِ نمونا اماڻيا آهن، ٻئي طرف ٻارڙيءَ جي  وارثن ۽ علائقي جي رهواسين ٻارڙيءَ جي قتل خلاف احتجاج ڪندي گل احمد ملز ۽ اسپتال چورنگي وارو روڊ بند ڪري ڇڏيو، پوليس ۽ رينجرز جي خاطرين بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، هوڏانهن مسلم آباد ڪالوني ۾ معصوم ٻارڙيءَ  جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ٻئي طرف وزيراعليٰ مرادشاهه واقعي جو نوٽيس وٺي آءِ جي کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي