ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته معزز عدالت اليڪشن ڪميشن کي ئي مڪاني چونڊن جي تاريخ  طئه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، قانون موجب مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ ئي آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ آئيني حڪومت آهي،  اسان سڀ ڪجهه آئين موجب ڪرڻ چاهيون ٿا.