ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي پاران ڀرتين وارن رولز، ترقين ۽ الائونسز بابت گرينڊ هيلٿ الائنس سان مشاورت لاءِ ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾  ڊي جي صحت جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪاميٽي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس ۾ شامل مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ڊاڪٽر محبوب نوناري، بشريٰ آرائين، محمد خان شر، اعجاز ڪليري  ۽ ٻين کي شامل ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي کي ذميواري سونپي وئي آهي ته اها ڊاڪٽرن، نرسن، ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ پيرا ميڊيڪوز جي ترقين ۽  ڀرتين وارن رولز  توڙي الائونسز جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ بعد پاليسي جوڙيندي، ڪاميٽي پاران سفارشون صحت واري صوبائي وزير حوالي ڪيون وينديون