ملير واقعو: اهي منظر بيان نٿي ڪري سگهان:جوابدار جي امڙ جون دل جهوريندڙ ڳالهيون

0
485

فواد ان لوگوں میں سے تھا جو اپنی بچیوں پر جان دیا کرتا تھا: والدہ کا بیان—فوٹو: اسکرین شاٹ

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي ملير جي شمسي سوسائٽي ۾ ٻه ڏينهن اڳ هڪ خوفناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي 3 ڌيئرن ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو

ان حوالي سان جوابدار فواد جي ماءُ ان ڏينهن جو تفصيل ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته کيس واقعي جي خبر ڪيئن پئي

وائيس آف آمريڪا جي رپورٽ موجب فواد خان اڱاري ڏينهن معمول موجب آفيس مان شمسي سوسائٽي ملير ۾ پنهنجي گهر پهتو، ماءُ سان ملڻ بعد هو مٿين منزل تي پنهنجي ڪمري ۾ ويو

فواد جي ماءُ جو اهو به چوڻ هو ته جڏهن هو ٻئي پٽ ڪال کانپوءِ جڏهن هو مٿئين منزل تي پهتي ته گرل جو دروازو بند هو، مشڪل سان دروازو کليو ۽ اندر وڃي ڏٺم ته فواد جون ٽئين ڌيئرون ۽ سندس گهرواري رت ۾ لت پت پيل هيون

عورت موجب مون اهڙو منظر ڏٺو، جنهن کي بيان نٿو ڪري سگهجي، پر اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جو سبب ڇا هو، خبر ناهي

جوابدار فواد جي ماءُ تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته گهر ۾ شور مچڻ تي پاڙا وارا گڏ ٿي ويا، جنهن بعد فوري طور تي ايمبولينس کي گهرايو ويو پر ايمبولينس پهچڻ کان اڳ ئي ڌيئرون ۽ ماءُ فوت ٿي چڪيون هيون ۽ فواد زخمي حالت ۾ فرش تي پيل هو

Woman, 3 daughters slaughtered in Karachi's Shamsi Society: police - Pakistan - DAWN.COM

واضح رهي ته اسپتال ۾ علاج هيٺ آيل فواد اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ڌيئرن ۽ زال کي قتل ڪيو، مسالحه ڪمپني ۾ بطور سيلز مئنيجر طور ڪم ڪندڙ فواد خان گذريل ڪجهه ڏينهن کان مالي حالتن سبب پريشانين جو شڪار هو

ھي به پڙھندا

جنوني شخص زال ۽ ٽن ڌيئرن کي ڪهي ڇڏيو