ڪوئيٽا (م ڊ) ڪالعدم ٽي ٽي پي جو سيز فائر ختم ڪرڻ بعد پهريون وارو، ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ ويندڙ پوليس ٽيم تي آپگهاتي حملو، اهلڪار ۽ ٻن ٻارن سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا، 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  ڪوئيٽا جي علائقي بليلي ۾ ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ويجهو آپگهاتي حملو ڪيو ويو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ميڊيا رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار، 2 ٻارر ۽ هڪ عورت مارجي وئي، پوليس موجب ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي سبب پاسي سان گذرندڙ گاڏي به وڪڙ ۾ اچي وئي. پوليس ٻڌايو ته پوليس اهلڪارن سميت عام شهري به زخمي ٿيا آهن، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن ۽ ٻين کي سول اسپتال ڪوئيٽا منقتل ڪيو ويو آهي، واقعي بعد پوليس۽ بم ڊسپوزل عملو پهچي ويو، جنهن جاءِ واردات جو جائزو ورتو، ڊي آءِ جي ڪوئيٽا غلام اظفر مهيسر چيو آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 22 کان 25 ڪلو گرام ڌماڪيدار بارودي مواد استعمال ٿيو آهي، پوليس اهلڪار ٽرڪ تي پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيا هئا، واقعي بعد شهر ۾ سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. هن چيو ته آپگهاتي ڌماڪي ۾ 24 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جن ۾ 20 اهلڪار ۽ 4 شهري شامل آهن.  ڊي آءِ جي ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ مجموعي طور 3 گاڏين کي نشانو بڻايو ويو، پوليس ٽرڪ، هڪ سوزڪي مهراڻ ۽ هڪ ٽوٽا ڪرولا ڪار متاثر ٿي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي کي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪالعدم دهشتگرد تنظيم ٽي ٽي پي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي ۽ چيو ته گروپ جلد ڌماڪي بابت وڌيڪ تفصيل جاري رڪندو، واضح رهي ته 2 ڏينهن ڪالعدم ٽي ٽي پي سيز فائر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ويڙهاڪن کي سڄي ملڪ ۾ حملن جو حڪم ڏنو هو، هوڏانهن صدر ۽ وزيراعظم سميت ٻين اڳواڻن آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، صدر عارف علوي چيو ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏينداسين، جڏهن ته وزيراعظم شهبازشريف به ڪوئيٽا ۾ پوليس تي آپگهاتي حملي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباشريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اهلڪار فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، شرپسند عنصر ملڪ مان پوليو جي خاتمي واري مهم کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا.