لاڙڪاڻو: پرائمري استاد جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 50 ڪروڙ رپيا اچي ويا، استاد پريشان

0
423

لاڙڪاڻو: پرائمري استاد جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 50 ڪروڙ رپيا اچي ويا، استاد پريشان ٿي ويو، لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استاد جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 50 ڪروڙ روپيا اچي ويا، پئسا اچڻ تي پرائمري استاد پريشان ٿي ويو

بلاول ڪالوني جي رهواسي پرائمري استاد امين ميمڻ ٻڌايو ته منهنجي پگهار 87 هزار روپيا آهي، هر مهيني پئسا ڪڍرائيندو آهيان

پرائمري استاد امين ميمڻ موجب اڄ اي ٽي ايم تي ويس ته 50 ڪروڙ روپيا بئلنس نظر آيو، پئسن بابت مونکي ڪا به ڄاڻ ناهي

استاد موجب آئون اڳ ئي دل جو مريض آهيان، ايتري رقم ڏسي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان، ايف آءِ اي جاچ ڪري مونکي پريشاني کان بچائي

ھي به پڙھندا

موٽروي ميگا اسڪينڊل، ڊي سي آفيس مٽياري جو ٻيهر گهيرو