ملير: ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل

0
174
شهيد ناظم جوکيو قتل

ملير (ن  پ ا)  ملير پوليس شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي حڪم تحت ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ڇڏيا

پوليس ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري قانوني ڇنڊ ڇاڻ لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو

پراسيڪيوٽر پاران قانوني ڇنڊ ڇاڻ بعد چالان خاص عدالتن جي انتظامي جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ڪيس ۾ پي پي ايم پي اي اويس گهرام سميت پنج جوابدار گرفتار آهن، جڏهن ته ايم اين اي ڄام ڪريم بجار سميت چار جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا