بپي لهري به ويو

0
145
بپي لهري به ويو

 موت برحق آهي، هر ڪنهن کي هي ڪرائي جو مڪان هڪ ڏينهن خالي ڪرڻو آهي. هن جهان ۾ جيڪو کاڌو پيتو آهي، آخر ۾  ان جو بل هن ئي جهان ۾ ادا ڪري پوءِ نڪرڻو آهي.

   تازو  لتا منگيشڪر جو ڪورونا جي ڪري ديهانت ٿيو هو،  جنهن جو سڄي بالي ووڊ انڊسٽري تي سوڳ ڇانيل آهي، لتا جو اڃا درد دلين مان ڪوماڻو ئي نه هو ته هي ڏک جي خبر ٻڌڻ لاءِ ملي. انڊيا جو ٻيو نالي وارو گلوڪار، فنڪار، آرٽسٽ، موسيقار، ڪمپوزر بپي لهري به هن دنيا کي تياڳ ڪري، حقيقي مالڪ سان  15 فيبروري 2022 ع تي وڃي مليو. هن جي موت  جو ڪارڻ سيني/ڇاتي جي بيماري ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن ۾ رات جو سمهڻ مهل ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي. ان بيماري کيSA (Obstructive sleep apnea) .  چيوويندو آهي. بپي جو انتقال  ڪرٽيڪيئر critiCare  اسپتال ممبئي ۾ ٿيو.  ان وقت هن جي عمر 69 سال هئي.

                 هن جو اصل نالو  Alokesh Lihiri هو، پر هو بپي لهري جي نالي سان مشهور ٿي ويو.  هن جو جنم  27 نومبر 1952ع ۾ جيلپگوري    Galpaiguri  ويسٽ بنگال ۾  اپريش لهريAparesh Lahiri  جي گهر ۾ ٿيو. هن جا پي ماءُ به فنڪار هئا.  هن جي ماءُ بنساري لهري  Bansari Lahri  جيڪا ڳائڻي ته هئي پر هڪڙي بهترين ڊانسر پڻ هئي. بپي لهري پي ءُ ماءُ جو  اڪيلو پٽ هو. ڪشور ڪمار هن جو مامو هو.  هو جڏهن ٽن سالن جو مس ٿيو ته هن طبلو وڄائڻ شروع ڪيو هو. هن پنهنجي فن جي سکيا پنهنجي پي ماءُ کان ورتي هئي.  انکان پوءِ هن ٻيا موسيقي جا  اوزار سکيا جنهن ۾ پيانو، ڊرمس، گٽار، بينجو، ۽ ڍولڪ وغيره. ننڍي هوندي کان ئي هو آمريڪي فنڪار  Elvis Presley  کان ڏاڍو متاثر هو ۽ هو انجي ئي طرز تي زندگي گذارڻ، ڳائڻ، پنهنجو اسٽائيل به ان جهڙو رکڻ، هن جي شوق ۾ شامل هئا. هن کي سن گلاسز (چشمو) ۽ سون تمام گهڻو پسند هوندو هو، ان ڪري هر وقت هن کي سون پاتل هوندو هو، لاڪيٽ، منڊيون، چينون، بريسليٽ، مطلب ته هن جو سون سان جنون جي حد تائين عشق هوندو هو. هن کي اهو شوق به ان ئي آمريڪي فنڪار کان پلئي پيو هو. هن جو تعلق BJP  سياسي پارٽي سان هو، هن 31 جنوري 2014ع تي ان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.  جنهن جي پليٽفارم تان سال2014ع لوڪ سڀا اليڪشن جي سيٽ تان اليڪشن وڙهيو پر هن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. هن جي شادي چتراني لهري سان ٿي، جنهن مان هن کي باپا لهري  پٽ ٿيو، جيڪو ميوزڪ ڊائريڪٽر آهي  ۽  ان کان علاوه هن کي هڪڙي ڌيءَ پڻ ڄائي جنهن جو نالو ريما لهري آهي.

 بپي لهري جي مشهوري جي شروعات سال 1970ع کان 1980ع تائين جي وچ ۾  ٿي. ۽ 1990ع جي شروعات ۾ هن فلمن لاءِ به ڳائڻ شروع ڪيو. جن ۾ خاص ڪري نيا قدم، آنگن ڪي ڪلي، واردات، ڊسڪو ڊانسر ، نمڪ هلال فلم جو  مشهور  گيت“آج رپٽ جائي ” ساڳي فلم جو ٻيو گيت “رات باقي”،  ماسٽر جي، شرابي فلم جومشهور گيت “دي دي پيار دي دي” ، ڪمانڊو، نوڪر بيوي ڪا، ۽ آڌيڪار وغيرهه.، پر هن کي جيڪا شهرت “زخمي” فلم جي موسيقي ڪمپوزنگ جي ڪري ملي، اوتري  شهرت شايد ئي ڪنهن ٻي فلم مان هن کي ملي هجي.

هن بالي وڊ جي دنيا ۾ ڊسڪو ميوزڪ جو بنياد وڌو. نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايو. هن جو اهو گانو خاص ڪري ڏاڍو مشهور ويو.1982ع ۾  I am disco dancer.  .  هن 1976ع ۾ “چلتي چلتي ..”جي ڪمپوزنگ ڪئي،  ”نمڪ هلال1982ع“، ”شرابي 1984ع “، ”ڌرما ڪرما 1997،“” ٽيڪسي نمبر9211 ،   2006 ع“ ، the dirty picture 2011،  ۽ “بدرناٿ کي دلهنيا 2017ع “ جي ڪمپوزنگ ڪئي. هن جي ڪمپوزنگ کي 1974ع ۾ اولهه بنگال جي هڪڙي سينيما ۾ لتا منگيڪشر ڳايو.  ۽ هن جنهن پهرين هندي فلم لاءِ موسيقي ڪمپوز ڪئي اها “ننها شڪاري” هئي، جيڪا 1973ع ۾ هندي ٻولي ۾ رليز ٿي  هي پهرئين هندي فلم هئي ۽ “تو هي ميرا چندا”، جيڪو گيت مهيش ڳايو. هي جنهن فلم کان مٿي چڙهيو اها طاهر حسين جي هندي فلم هئي، “زخمي (1975)” . هو هڪڙي گاني جا 8.10 لک روپيا وٺندو هو. هن مختلف ٻولين ۾ موسيقي ڪمپوز ڪئي، جن ۾ هندي، ڪنادا Kannada، تيلگ (تامل فلمن لاءِ) ، ۽ اوريا. هن 5000 هزار کان وڌيڪ گيت ڳايا/ڪمپوز ڪيا. هن  جو نالو  گنيز بوڪ آف ورلڊ ۾  ان ڪري شامل ڪيو ويو هو ته هن هڪ ئي سال ۾ 33 فلمن ۾ ڪم ڪري رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هو. هن پنهنجي هڪڙي انٽرويو ۾ چيو ته ،“مان اهو واحد انڊيا جي موسيقي جو ڪمپوزر آهيان، جنهن چائنا گولڊ ايوارڊ ،ڊسڪو ڊانسر فل ۾ ڳايل گيت “جمي جمي” جي ڪري، ماڻيو. آدم سينڊلر منهنجو اهو گيت پنهنجي فلم زوهان ۾ رپيٽ ڪيو. “ڊسڪو ڊانسر” به اهڙي  تاريخي فلم هئي، جهڙي “نمڪ حلال ”، ۽ “شرابي”. 1980ع ۾ مون مٿن چڪروتي جي فلم “سروڪشا” ۾  ڊسڪو ڊانس جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هن  John Travalta  جيان ڊانس ڪئي هئي. هن1983ع کان 1985ع  تائين 12 زبردست گانن جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو. اهي سلور جوبلي فلمون هيون.  1996ع ۾ هو مائيڪل جيڪسن سان انڊيا ۾ ٿيندڙ لائيو پروگرام ۾  مليو هو.سال  2018 ع ۾ هن کي لائيف ٽائيف ايوارڊ مليو، جيڪو 63 فلم ايوارڊ هو. بپي لهري اڪثر ڪري چوندو هو ته God is my God. جيتوڻيڪ هو اسان وٽ اڄ موجود ناهي، پر هن جو آواز سندس پرستارن ۾ صدين تائين زنده رهندو. آواز جو موت مشڪل آهي.

[email protected]