محسن بيگ تشدد معاملو: آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب

0
243

محسن بيگ تشدد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پاران آءِ جي اسلام آباد کان محسن بيگ تي تشدد واري معاملي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل سنجيده سوال اُٿاريا آهن، آءِ جي يقيني بڻائي ته محسن بيگ سان قانون پٽاندڙ رويو رکيو پيو وڃي

وڪيل لطيف کوسه چيو ته هي بنانا ريپبلڪ ناهي جو ججز کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن،افسوس جو وزيراعظم به معاملي ۾شامل ٿي ويو،حڪومت طرفان ماتحت جج خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عدالت وڪيلن کي محسن بيگ سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

سيشن ڪورٽ سينيئر صحافي محسن بيگ جي گهر تي ڇاپو غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو