سيشن ڪورٽ سينيئر صحافي محسن بيگ جي گهر تي ڇاپو غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

0
228
صحافي محسن بيگ جي گهر تي ڇاپو غير قانوني
سيشن ڪورٽ سينيئر صحافي محسن بيگ جي گهر تي ڇاپو غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ سينيئر صحافي محسن بيگ جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال 5 صفحن تي ٻڌل لکيل حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته ايف آءِ اي 9 وڳي ايف آءِ آر داخل ڪئي، ايف آءِ اي ۽ مارگله پوليس جي ايف آءِ آر مان واضع آهي ته ڇاپو غير قانوني هو، انهن ماڻهن محسن بيگ جي گهر تي ڇاپو هنيو جيڪي ڇاپي جو اختيار نه ٿا رکن

عدالت چيو ته ايف آءِ اي پاران صبح 9.30 وڳي ڇاپو لڳايو ويو، ايف آءِ اي بنا ڪنهن ثبوت جي ڇاپو هنيو، ڪنهن پاڙيسري جو بيان به رڪارڊ ناهي ڪيو ويو

عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته محسن بيگ جو بيان رڪارڊ ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت چيو ته ڇاپو بغير ڪنهن سرچ وارنٽ جي هنيو ويو

ايف آءِ اي ۽ ايس ايڇ او جي ايف آءِ آر مان ثابت ٿئي ٿو ته ڇاپو غير قانوني طور تي هنيو ويو، ايس ايڇ او جعلي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڪيس داخل ڪيو. ياد رهي ته اڄ صبح ايف آءِ اي صحافي محسن بيگ کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو هو

ھي بھ پڙھندا

شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو پاران صحافي محسن بيگ جي گرفتاري جي مذمت

اسلام آباد عدالت پاران محسن بيگ کي پيش ڪرڻ جو حڪم

ايف آءِ اي صحافي محسن بيگ کي گرفتار ڪري ورتو