اسلام آباد عدالت پاران محسن بيگ کي پيش ڪرڻ جو حڪم

0
214
اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صحافي محسن بيگ جي وڪيل راحيل قريشي غير قانوني حراست ۾ وٺڻ خلاف اسلام آباد جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

وڪيل راحيل قريشي موقف اختيار ڪيو ته ساده لباس پهريل ماڻهو صبح سوير محسن بيگ جي گهر آيا، ڪير هئا ۽ کين ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا ڪا به خبر نه هئي، ايس پي ۽ ڊي ايس پي کان گرفتاري وارنٽ گهريا ويا جن نه ڏنا

راحيل قريشي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس پي سادن ڪپڙن ۾ ماڻهن کي گهر ۾ داخل ٿيڻ جو چيو، جن ٻارن کي مارڪٽ ڪئي، موبائيل فون ڀڃي ڇڏيا ۽ محسن بيگ کي وٺي ويا

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت بيلف مقرر ڪندي محسن بيگ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

جنهن بعد مارگلا ٿاڻي جو بيلف سهيل ممتاز ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت ۾ بيلف سهيل ممتاز رپورٽ پيش ڪئي

وڪيل راحيل نيازي چيو ته پوليس محسن بيگ تي تشدد ڪري رهي آهي ۽ هو سخت زخمي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته ٻڌڻي 2 وڳي کانپوءِ ڪنداسين

ھي به پڙھندا

ايف آءِ اي صحافي محسن بيگ کي گرفتار ڪري ورتو