ايف آءِ اي صحافي محسن بيگ کي گرفتار ڪري ورتو

0
234
ايف آءِ اي صحافي

ڪراچي ( م ڊ)  وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) صحافي محسن بيگ کي حڪومت جي شڪايت تي گرفتار ڪري ورتو، گرفتاري دوران ايف آءِ اي جي ٽيم تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي وزير خلاف غير اخلاقي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان حڪومت جي شڪايت تي ايف آءِ اي جي ٽيم جڏهن محسن بيگ جي گرفتاري لاءِ سندس گهر پهتي ته ان دوران هڪ ڪلاڪ تائين مزاحمت ۽ فائرنگ ڪئي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته محسن بيگ جي طرفان بٽ مارڻ تان هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، حراست ۾ ڏسڻ وقت محسن بيگ جي هٿ ۾ پستول ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته محسن بيگ جي پٽ طرفان به مزاحمت ڪئي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي ٽيم محسن بيگ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس گهر پهتي ته گرفتاري دوران ايف آءِ اي ٽيم مزاحمت ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني

اختيارين جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي ٽيم محسن بيگ کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته محسن بيگ جو پٽ گهر مان فرار ٿي ويو

هن حوالي سان معاون خصوصي ڊاڪٽر شهباز گل هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، قانوني ڪارروائي جو جواب بدمعاشي سان نٿو ڏئي سگهجي

هن وڌيڪ چيو ته محسن بيگ پاڻ ڪميشن کائڻ لاءِ آيو هو، هن وزيراعظم کي روسي ڪمپني سان معاهدو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ۽ چيو هو ته هو ايتري رقم ڏيندئو ته ميڊيا کي پيرن هيٺان ڪري ڇڏيندس، پر وزيراعظم هن جي آڇ رد ڪري ڇڏي هئي

ھي به پڙھندا

ايف آءِ اي محسن بيگ جي گرفتاري بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو