اجلاس جي اندروني ڪھاڻي: جھانگير ترين گروپ جا اڪثر ميمبر حڪومت خلاف ميدان ۾ اچڻ لاءِ تيار

0
219

ڪراچي (م ڊ) جهانگير ترين گروپ جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، جهانگير ترين جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن عون چوڌري جي رهائش گاهه تي گروپ جو اجلاس ٿيوهو

ذريعن موجب گروپ جي اڪثر ميمبرن حڪومت مخالف حڪمت عملي ۾ ن ليگ سان گڏ بيهڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته جهنگ مان چونڊيل اسيمبلي ميمبرن اجلاس ۾ آزاد حيثيت برقرار رکڻ جي تجويز ڏني

ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين گروپ جي اڪثريت کليل نموني سياسي ميدان ۾ اچڻ جو مشورو ڏنو ۽ اڪثريت جي راءِ هئي ته وقت اچيو ويو آهي ته حڪومت مخالف حڪمت عملي اختيار ڪيو وڃي

ذريعن جو چوڻ آهي ته بي اعتمادي واري رٿ پيش ٿيڻ تي ترين گروپ پنهنجي حڪمت عملي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿيڻ تائين پنهنجي گروپ جا سياسي ڪارڊز ڳجهو رکڻ جو به مشورو ڏنو ويو

ذريعن موجب ترين گروپ چيو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد جي صورت ۾ گروپ اپوزيشن جي حمايت ڪري سگهي ٿو

ذريعن موجب، ترين گروپ جي ميمبرن جو موقف هو ته تڪن ۾ پي ٽي آءِ جي پوزيشن تمام ڪمزور آهي، جنهن سبب مضبوط شخصيتون مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ پسند نه ڪنديون

ذريعن جو چوڻ آهي ته ترين گروپ فيصلو ڪيو آهي ته ملاقاتون وقت بوقت ٿينديون رهنديون، گروپ فيصلو ڪيو آهي ته سياسي پارٽين جا رابطا ڪمزور نه ڪيا ويندا

ذريعن موجب، ترين گروپ مختلف سياسي آپشنز جون تجويزون سامهون اچڻ تي آخري فيصلو جهانگير ترين کي ڏئي ڇڏيو