ملير (رپورٽر ) ملير جي علائقي پپري جي ڳوٺ صابو گبول جي رهواسڻ ليڊي هيلٿ ورڪر حسنه جمالي پنهنجي پٽ ارسلان جمالي ۽ ڀيڻ رخسانه سان گڏجي  پنهنجي ڀيڻوئي نظر علي ڊرگهه ۽ ڀاءُ حضور بخش جمالي ۽ سندن ساٿين طفيل احمد، منظور جمالي، هادي بخش جمالي جي زيادتين خلاف دانهيندي  چيو آهي  ته منهجي  زندگي زهر ڪئي وئي آهي، مونکي تحفظ ڏنو وڃي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته منهنجي پهرين شادي ميهر جمالي سان ٿي هئي، جنهن مان مونکي هڪ پٽ ارسلان جمالي آهي، پهرين مڙس کان طلاق بعد منهنجن مائٽن منهنجي ٻي شادي علي احمد سومرو سان ڪرائي، جيڪو پڻ 6 سال اڳ فوت ٿي ويو آهي،  هن چيو ته آئون پنهنجي مڙس علي احمد سومرو جي صابو گبول ڳوٺ واري گهر ۾ رهندي آهيان، جڏهن ته هيلٿ ورڪر جي نوڪري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي پٽ جو پيٽ پالي رهي آهيان، هن چيو ته منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻويو 23 مئي تي منهنجي گهر ۾ داخل ٿي تشدد بعد 6 لکن جو سامان کڻي ويا، بن قاسم ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ باوجود پوليس ڪارروائي ناهي  ڪئي، گذريل رات  هنن ٻيهر منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گهر خالي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪيون  ڏنيون، هن تحفظ جي اپيل ڪئي