دادو ( رپورٽر ) انتظامي نا اهلي سبب دادو کنڊرات بڻجي ويو آهي دادو واسي مشتاق سمون سيشن جج دادو جي عدالت ۾ ڊي سي دادو، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر خلاف آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، سيشن جج دادو جي عدالت شهري مشتاق سمون جي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڊي  سي دادو ، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر کي نوٽيس جاري ڪندي 8 ، آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، شهري مشتاق سمون وڪيل مفيد ناريجو معرفت ڊي سي دادو، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئر خلاف داخل ڪيل آئيني درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته شهر جي 24 وارڊن ۾ برسات ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آهي ، سڄو شهر کنڊر بڻجي ويو آهي ، برسات ۽ ڊرينيج جو پاڻي بيهڻ سبب روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن ، ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل روڊ اکڙي ويا آهن ، پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ شهر جي صفائي لاءِ ڪروڙين روپين جي بجيٽ اچي ٿي جيڪا هڙپ ڪئي وڃي ٿي نتيجي ۾ هفتن جا هفتا پاڻي نيڪال نه ٿو ڪرايو وڃي، سڄو شهر گندگي جي لپيٽ ۾ آهي، گيسٽرو ۽ ڊائريا جون بيماريون پکڙجي ويون آهن.