عمرڪوٽ (رپورٽر) ميونسپل انتظاميا پاران ريڙھا هٽائڻ تان پورھيتن ۽ انتظاميا ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ان ڏس ۾ ريڙھا ھلائيندڙن احتجاج ڪندي ميرپورخاص ڇور روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ميونسپل ڪاميٽي عملدارن ۽ ٽريفڪ سارجنٽ ٻڌايو ته عدالتي حڪمن تحت  شھر ۾ ناجائز حددخليون ھٽائڻ لاءِ ريڙھا ھلائيندڙ پورھيتن کي عمرڪوٽ قلعي لڳ متبادل جاءِ ڏني آھي پر هو اتي منتقل ٿيڻ لاءِ تيار ناهن، هنن چيو ته ريڙھن وارا حددخليون ڪن ٿا، جنهن ڪري اڪثر ٽريفڪ جام رهي ٿي،  هوڏانهن پورھيت اڳواڻن مڪيش، اسماعيل ۽ ٻين چيو ته مزدور آھيون، متبادل مناسب جاءِ ملي ته ھليا وينداسين، زبردستي هٽائي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، بعد ۾ ميونسپل انتظاميا ۽ ٽريفڪ پوليس پورهيتن سان ڳالھيون ڪري متبادل جاءِ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو،