ملير(رپورٽر) ملير جي ڀينس ڪالوني واري  علائقي ۾ واقع يوسف ڳوٺ ۾ مبينا زهريلي خوراڪ کائڻ ڪري 20 کان وڌيڪ سوئا مينهون مري ويون، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ مينهون بيمار ٿي پيون ان سلسلي ۾ واڙي مالڪ شبير مهر صحافين کي ٻڌايو ته اسان مينهن کي هڪ نجي ڪمپني جو فيڊ ( خوراڪ ) ڏنو ويو، جنهن سبب مينهن جي حالت خراب ٿيڻ لڳي، اسان 20 کان وڌيڪ مينهن کي تڙپندو ڏسي حلال ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ڪمپني جي زهريلي فيڊ سبب جانورن سان گڏ کير واپرائيندڙ انساني زندگيون به خطري ۾ آهن، هن چيو ته مينهن جي مرڻ جو سبب نجي ڪمپني جي فيڊ آهي جنهن خلاف ڪارروائي ڪري ڪروڙين رپين جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.