رتوديرو (ن پ ا ) رتوديرو شھر جي مک علائقي بس اسٽينڊ تي جلباڻي ذات جي ٻن ٽرانسپورٽر ڌرين وچ ۾ مسافر ڪوچن جي ٽائيم تان ڇڪتاڻ ٿي پئي، جنهن تان ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ظھير خان ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته 4 ڄڻا عبدالرسول، عبداللطيف، سراج ۽ عبدالقادر جلباڻي گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندو ويو، جتان بعد ۾ کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي علاج لاءِ اماڻيو ويو جتي علاج دوران زخمن جي سٽ نه سھندي سراج جلباڻي فوت ٿي ويو. ٻنھي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد ٻنھي مقتولن جا لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف و حراس ڇانيل آھي ۽ علائقي جي ڀرپاسي جا رھواسي پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا.