ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ بي آر ٽي ييلو لائين روٽ جي گڏيل سروي ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپوورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ عالمي بينڪ جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪئي ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائين تي 438 ملين آمريڪي ڊالر لاڳت ايندي. اهو پراجيڪٽ دائود چورنگي کان نمائش چورنگي تائين 21 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو. اها دائود چورنگي کان شروع ٿي ڄام صادق پل، مين ڪورنگي روڊ کان ايف ٽي سي انٽرچينج وٽان شاھراھ فيصل  ۽ شاهراھ قائدين کان  ٿيندي ڪشمير روڊ انٽرچينج تي  بي آر ٽي ريڊ لائين سان ڳنڍجي ڪري نمائش چورنگي تي ختم ٿيندي. اجلاس ۾ صوبائي وزير عالمي بينڪ کي ڪراچي ۾ فوري طور تي 300 اليڪٽرڪ بسون آڻڻ جي پڻ آڇ ڪري ڇڏي.ٻئي طرف سنڌ حڪومت  ييلو لائين ۽ ريڊ لائين لاءِ ڄام صادق پل وٽ متبادل پل جي تعمير ۽ ڀينس ڪالوني ۾ بايو گيس پلانٽ لڳائڻ لاءِ 32 ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي